ڀائي ٿانورداس

ڀائي ٿانورداس: ٿانورداس شڪارپوري، ڪنڊڙيءَ جي درگاهه جو معتقد ۽ مُريد، شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو نالو شاهه عنايت شهيد جي سلسلي جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو وڌيڪ احوال ڪو نه ٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪتاب ”ڪافيون“ جلد پهرئين ۾ سندس ڪافيون شامل ڪيون آهن. جن مان هڪ ڪافيءَ جو ٿلهه هن ريت آهي:
اوهين سوال ڪريو رب کي سرتيون!
هيءَ نماڻي ملي وڃي ورَ کي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو